زرداري، ڊاڪٽر محمد لائق

زرداري، ڊاڪٽر محمد لائق

زرداري ڊاڪٽر محمد لائق

زرداري، ڊاڪٽر محمد لائق: مشهور اديب، پروفيسر، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري 23 آگسٽ 1943ع تي ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. هن جا ابا ڏاڏا مالوند ۽ زرعي پيشي سان وابسته هئا. سندن ڳوٺ ۾ اسڪول نه هئڻ ڪري محمد لائق کي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ مڪراري وڃڻو پوندو هو، پرائمري تعليم مڪمل ڪري مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان 1964ع ۾ ڪيائين. هن مهراڻ ڪاليج موري مان 1968ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي سياسيات ڪيائين. هي ننڍپڻ کان وٺي اورچ ۽ محنتي هو، تاريخ، سياست ۽ عام معلومات جا ڪتاب شوق سان پڙهندو هو، کيس سنڌ جي تاريخ سان خاص دلچسپي هئي، جنهنڪري هن ’تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو‘ جي عنوان تي تحقيقي مقالو لکي 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي .ڊاڪٽر محمد لائق نوڪريءَ جي شروعات هڪ آرٽ ٽيچر طور ڪئي ۽ ملازمت دوران حيدرآباد جي آرٽ ڪاليج مان تربيت به ورتائين. ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ مختلف ڪاليجن ۾ ليڪچرار ٿي رهيو، 1998ع کان مهراڻ ڊگري ڪاليج موري جو پرنسپال ٿيو. محمد لائق 1996ع ۾ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان، يونيسڪو ڪميشن اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو، جنهن کانپوءِ بلاول انسٽيٽيوٽ فار هسٽري اينڊ ريسرچ جو ڊائريڪٽر ٿيو، جتي هن وقت ٻيو ڀيرو ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، ساڃاهه ڪلچرل ايسوسيئيشن ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ موري سان وابسته رهيو آهي. تاريخ تي تحقيق جي سلسلي ۾ 1995ع ۾ انڊيا آفيس لائبريري لنڊن ۾ وڃي، سنڌ جي تاريخ تي بي بها مواد هٿ ڪيائين. سندس تعليمي خدمتن تي نوابشاهه ايجوڪيشنل ۽ ويلفيئر سوسائٽي 1987ع ۾کيس اوارڊ به ڏنو. محمد لائق زرداريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: 1.سنڌ جي سياسي جدوجهد 2. تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، 3. واليءِ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو، 4. غدار سنڌ (اردو) 5. مجذوب حافظ علي زرداري، 6. لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين (سفرنامو) 7. تاريخ ضلعو نوابشاهه 2001ع 8.History of Sindh (2 Edition). قابل ذڪر آهن. هي هن وقت نوابشاهه ۾ رهائش پذير آهي. پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 3 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.08.23  عيسوي

مشهور اديب، پروفيسر، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري 23 آگسٽ 1943ع تي ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.


2017.07.03  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 3 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب علي عادل چوهاڻ
امر جماڻي ڏيپلائي
ڪيرت ٻاٻاڻي
اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر
ديوي ناگراڻي
عبداللطيف مهر
عبدالحليم شرر
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
موهن لعل شرما ڊاڪٽر
قدير شيخ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون